خميسو خان، استاد

خميسو خان، استاد

خميسو خان استاد

خميسو خان، استاد: استاد خميسو خان چانڊيو ڳوٺ لاکي چانڊئي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جو تمام گھڻو شوق هوندو هو. هي فن جي دنيا ۾ جڏهن آيو ته مڪمل طرح ان تي ڇانئجي ويو. کيس ڍولڪ وڄائڻ ۾ تمام سٺي مهارت حاصل هئي. هو شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي فنڪارن سان سنگت ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو، ائين آهستي آهستي پنهنجي فن سان ماڻهن کي متوجھه ڪندو ويو ۽ هر ننڍو توڙي وڏو فنڪار چاهيندو هو ته ساڻس ڍولڪ تي سنگت استاد خميسو خان ئي ڪري. هو فقير صفت انسان سڀني سان نڀاءُ ته ڪندو هو، پر هن جو وڌيڪ نڀاءُ جيجي الله وسائيءَ سان هيو. جيجي الله وسائي سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره هئي ۽ هيءُ جيجي الله وسائيءَ سان ڍولڪ تي ساٿ ڏيندو هو ۽ پوءِ اهو ساٿ محبت ۾ تبديل ٿي، آخر شاديءَ جي مضبوط ٻنڌڻ تائين پهتو. توڙي جو استاد خميسي خان جي ان کان اڳ به پنهنجي خاندان مان شادي ٿيل هئي ۽ ٽي ٻار به هئس، پر هي ٻه ڪلاڪار دليون جڏهن پاڻ ۾ مليون ته هميشه لاءِ هڪ ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگھيون. جيجي کان علاوه هن سنڌ جي ٻين مشهور فنڪارن عابده پروين، الله ڏني خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، الهڏني جوڻيجي، حمزي خان ڀان ۽ ٻين سان به ڍولڪ وڄائي داد حاصل ڪيو. هن کي پنهنجي فن سان عشق هوندو هو ۽ هن ڪيترن ئي نوجوانن کي سکيا پڻ ڏني، جيڪي هن وقت تائين گھڻي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. استاد خميسي خان کي فن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. آخر ۾ شگر ۽ فالج جي بيماريءَ ۾ گھڻي عرصي تائين مبتلا رهڻ بعد مالي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري صحيح طريقي سان علاج نه ڪرائي سگھيو. ويتر سرڪار طرفان مالي سهائتا نه هئڻ ڪري سنڌ جي هن عظيم فنڪار 15 جنوري 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو